صحيح ابن حبان

صحيح ابن حبان: حديثن بابت هي مستند ڪتاب ابو حاتم محمد بن حبان ابن احمد البستي جو تصنيف ڪيل آهي، هي پنهنجي دؤر جو وڏو عالم ۽ محدث هو. ‘صحيح ابن حبان’ جو اصل نالو ‘ڪتاب التقاسيم والا نوع’ آهي. ابو حاتم هن جي ڪنيت آهي. هن جو نسب زيد مناة بن تميم تائين پهچي ٿو، انهي ڪري هي تميمي ۽ بُستي سڏيو وڃي ٿو. هي امام نسائيءَ جو شاگرد هو، ان کانسواءِ ابو يعلي موصلي، حسن بن سفيان ۽ ابوبڪر بن خزيمه کان به حديث جي علم جي تعليم حاصل ڪئي ۽ خراسان کان وٺي مصر تائين سفر ڪري هر عالم کان فيض حاصل ڪيائين. علم حديث کانسواءِ فقھ، لغت، طب ۽ نجوم جو پڻ ماهر هو. هن محدث ۽ فقيھ 354هه/965ع ۾ وفات ڪئي. ابن حبان جو هي ڪتاب علم حديث جي ميدان ۾ مستند ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو. هن هي ڪتاب تيار ڪرڻ وقت هزارن محدثن کان مدد ورتي، جنهنڪري هي مستند آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو